اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پ??ڪس??ان ۾ ازبڪستان جي سف??ر اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دل??سپ?? جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته پ??ڪس??ان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پ??ڪس??ان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پ??ڪس??ان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پ??ڪس??ان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ازبڪستان پ??ڪس??ان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.