اس??ام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ڪيپٽن مح??د ا??ام?? بن ارشد جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? جهڙن بهادر پٽن تي پاڪستان کي فخر آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? بهادري سان وڙهندي پنهنجي جان وطن تان نڇاور ڪئي، شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? جان ڏئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? جهڙا پٽ پاڪستان جو فخر آهن، قوم پنهنجي بهادر شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? جي قرباني کي هميشه ياد رکندي، سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي. وفاقي وزير شهيد ڪيپٽن مح??د ا??ام?? جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.