اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق موجوده سانوڻي برساتن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ڪشمور، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، ع??رڪوٽ، بدين، مٺي، ٿرپارڪر ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آه??. جنهن سبب شهري ٻوڏ/ ڍنڍن ڍورن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ??ي. ??ذريل ڏينهن اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته انهن امڪاني اثرن کي نظر ۾ رکندي هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تيار ??ڪمل ڪئي وڃي ۽ مقامي اختياريون هدايتن تي عمل ڪن. بيان مطابق عوام فوري الرٽس لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ ڊا??ون لوڊ ڪري ۽ موسم جي رپورٽ تي گهري نظر رکي.