اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جو غي??مستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي، پاڪستان کي نيويارڪ ۾ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊن ۾ زبردست حمايت حاصل ٿي آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جي پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جو غي??مستقل ميمبر چونڊڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدو??ر توثيق ڪرڻ تي اسان ايشيا پيسفڪ گروپ جي ميمبرن جا پڻ ٿورائتا آهيون. بيان موجب غي??مستقل ميمبر جي طور تي اٺون ڀ??رو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ هڪ ڀرپور تجربي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ حصيداري جي مضبوط ميراث کڻي آيو آهي جنهن جو اظهار گڏيل قو??ن جي مقصدن ۽ اصولن سميت چارٽر سان دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏيل قو??ن جي امن قائم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ سان ٿئي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي ايندڙ مدي ۾ حل طلب ۽ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم رهندو ۽ هو هڪطرفي ۽ غي??قانوني طاقت جي استعمال يا طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جا حربا، هر قسم جي دهشتگردي جي مقابلي، گڏيل قو??ن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي حمايت، امن لاڳو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت سميت علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۽ گڏيل قو??ن جي چارٽر کي برقرار رکڻ ۽ جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قو??ن جي وسيع تر ميمبرشپ سان عالمي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.