اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاهدن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل ش??بن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪ??ت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪ??ت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.