ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، ??يڙ??ڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ ??يف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.