اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024ع جي چونڊن جي حوالي سان آگاهي فراه?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراه?? ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ??ريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي ??طاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان سڀني کي ??گاهي فراه?? ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن ??سئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوالي سان سيمينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي ??جاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.