بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ??قا??تي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ ف??ڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ??قا??ت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ??قا??تي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آه??. پ??ڪستان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کو??ائ?? مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ??قا??تي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.