تامپ??بي?? فلوريڊا-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پنهنجي آمريڪي دؤري دوران ڪمانڊر يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت گڏيل سهڪار تي به ڳالهه ٻو??هه ٿي. آرمي ??يف جنرل سيد عاصم منير سينٽ ڪام جوائنٽ ??پر??شن سينٽر جو به دؤرو ڪيو جتي سينٽ ڪام ۽ـ پاڪ فوج وچ ۾ دفاعي تربيت ۽ راب??ا وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو.