اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زين?? الرٽ ريسپانس اينڊ ر??ڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوبن جي پوليس ۽ زين?? الرٽ ريسپانس اينڊ ر??ڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فوري حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي وقت سر بازيابي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زين?? الرٽ ريسپانس اينڊ ر??ڪوري ايڪٽ 2020ع ل??ڳو ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز، اين جي اوز جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري زين?? الرٽ ريسپانس اينڊ ر??ڪوري ايڪٽ 2020ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻارن جي گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن زين?? الرٽ ريسپانس اينڊ ر??ڪوري ايڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رکڻ ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لانچ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي پوليس آفيسرن جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ فوري ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.