اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪ?? ترقي جي لاءِ فڪري ۽ تعليم?? ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد ا??فا??ميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعليمي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسيلن ج?? ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته ا??فا??ميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي ??هيو آهي، ا??فا??ميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪستان مختصر مدي ۾ معاش?? ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سان علم تائين پهچ وڌي ??هي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد ??در کي بلوچستان جي تعليمي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ??در بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.