اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ ??ين??ٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي ل??ءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي ??ين??ٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين ??ين??ٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي جي ??ين??ٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ ??ين??ٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي ل??ءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ل??ءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي ??ين??ٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وا??يس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي باقاعده وا??يس چانسلر جي مقرري جي ل??ءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وا??يس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي اردو يونيورسٽي جي ??ين??ٽ وفاقي اردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان جي صدر جي ??ين??ٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي ل??ءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي جون سفارسون ??ين??ٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.