اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊا??ٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏيل قومن جي ??زا??يه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزير ڊا??ٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ?? منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ??زا??يه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز ??ينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ??زا??يه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.