نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پ??ڏيهي و??ير منعقد اجلاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پ??ڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي و??رو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پ??ڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني ان پ??ڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.