اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ت??ڪي?? جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان م??قعي تي پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جو گڏيل فائد?? جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ان م??قعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ت??ڪي?? جي دو??ي جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ت??ڪي?? جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.