اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوتو هڻي ڪئي. وزيراعظم کي ان موقعي تي وڻڪاري مهم جي ح??الي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سانوڻي جي وڻڪاري مهم ت??ت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 10 لک ٻوٽا هنيا ويندا جڏهن ته هلندڙ سال به??ر جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 98 لک ٻوٽا هنيا ويا هئا. موسمياتي تبديلي واري وز??رت، صوبائي ٻيلن وارو کاتو وڻڪاري مهم جي اهميت بابت آگاهي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.