اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تع??يم?? بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (??ار?? ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. ??ار?? ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ ??ار?? ون ۾ ڪاميابي جي شر?? 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تع??يم?? بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب انٽرميڊيئٽ ??ار?? ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج اي?? اليون جي ايشل شاهه نور فاطمه 1075 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 مارڪون کڻي ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.