ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزاري تي حاضري ڀري. وزيراعظم باباءِ قوم جي م??ار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ ل??يا. سنڌ ج?? گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ ج?? نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ??ه نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ انوارالحق ڪاڪڙ جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.