اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان ??در ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان ??لف ورتو. ان ??وق??ي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ نمايان ??خصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق احمد، ڊاڪٽر نديم جان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان ??سلم، شاهد اشرف تارڙ، خليل جارج، مدد عل?? سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.