اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وا??ي وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينا??ز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگا??ي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.