اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پ??ڪس??ان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??طل??عات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، ??فضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، ??فضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ??ن جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ??طل??عات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.