اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪ??ائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿور?? مڃي??دي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزير??عظ?? آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿور?? مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزير??عظ?? سعودي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزير??عظ?? محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪ??ائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿور?? مڃي ٿو. وزير??عظ?? سعودي سفير کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزير??عظ?? ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزير??عظ?? شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.