اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي م??اق??ت ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وزيراعظم سان ڊاڪٽر فوزيه جي اها ٻي م??اق??ت هئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان جي ايف ايم سي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان م??اق??ت جي لاءِ آمريڪا روانگي کان اڳ م??اق??ت ڪئي هئي. ڊاڪٽر فوزيه وزيراعظم جي قيادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي وزارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي ک?? آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه سان ان جي م??اق??تن جو بندوبست ڪيو ويو. ڊاڪٽر فوزيه چيو ته منهنجي دوري جي لاءِ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪري توهان ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اٽڪل 15 سال اڳ قيد ٿيڻ کانپوءِ کان پنهنجي ڀيڻ ملڻ جو هي پهريون موقعو هو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين ان سان م??اق??ت رهي. هن وزيراعظم کي ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ کنيل مجوزه قدمن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر فوزيه پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عافيه سان م??اق??ت جا تاثر بيان ڪيا ته وزيراعظم همدرديءَ سان ان کي ٻڌو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ان جي ڀيڻ جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي خيريت ۽ آزادي ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. هن پرڏيهي وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر فوزيه جي آمريڪا جي اڳئين دوري جي لاءِ مڪمل ت??اون فراهمڪري، وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي.