اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي با??ت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته سامونڊي طوفان ??ائيپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ان ??ان واڳيل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان ??والي سان ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان ??ابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سامونڊي طوفان ??ائيپر جواءِ جي شدت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ان ??ان واڳيل خطرا بدستور برقرار آهن. هن چيو ته طوفان ??ير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي سمنڊ سان گڏوگڏ ان ??و رخ پاڪستان ??ي سامونڊي علائقن ڏانهن به آهي، اسان کي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان ??بديل ٿي ويو آهي جنهن جي سطح تي هوا جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان ??ي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي رفتار آهي. طوفان ڪراچي کان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان ??ڄ 14 جون جي صبح تائين اتر جي رخ ۾ جڏهن ته بعد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان ??هي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان ??ي صورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان ??هي. سامونڊي طوفان ??بب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد ??ان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان ??هي. شيري رحمان چيو ته طوفان ??ي صورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري ??هي?? آهيون، ان ??لسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته طوفان ??ي اثر وارن علائقن ۾ ڪمزور بنيادي ڍانچي، بل بورڊن، ڪچين ڇتن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت خطري جو امڪاني طور شڪار ٿيندڙ علائقن مان ??وام کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا اهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته کليل سمنڊ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملاحن کي ان ??والي سان ??حتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن لاءِ الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سامونڊي طوفان ??ابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌاو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي بنيادن تي سامونڊي طوفان ??ابت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو. طوفان ۾ 5 جون بعد شدت اچڻ شروع ٿي هئي، ۽ ان ??نتهائي شديد طوفان ??ي شڪل اختيار ڪئي. هن چيو ته طوفان ??ان ??نڌ جي لاڳاپيل سامونڊي علائقن کان ??لاوه بلوچستان ??ا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيمپن بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.