اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي 8 اسڪيمن جي لاءِ 840 ملين رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 5 جاري ۽ 3 نيو?? اسڪيمون شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي جاري اسڪيمن جي لاءِ 619.395 ملين رپيا رکيا ويا آهن، انه?? اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 1406.757 ملين رپيا لڳايو ويو جنهن مان 30 جون 2023ع تائين 792.761 ملين رپين جي خرچن جو اندازو لڳايو ويو آهي. ان ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران امتحان منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ، سول سورسز اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ بولان هاسٽل جي ٻئي فلور جي تعمير، سارڪ بلڊنگ اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جو قيام، اين ايس پي پي لاهور جي اداراجاتي استحڪام ۽ ٽريننگ ۽ ريسرچ فنڪشنز جو فروغ ۽ سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ پاڪستان ايڊمنسٽ??يٽ?? سروس آفيسرز جي تربيتي سرگرمين جي فروغ جو?? اسڪيمون شامل آهن جن جي لاءِ ترتيبوار 35.64 ملين رپيا، 8 ملين رپيا، 59.8 ملين رپيا، 403.48 ملين رپيا، 112.43 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي نئي?? اسڪيمن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ۾ اڪيڊمڪ بلاڪس ج?? اپ گريڊيشن ۽ سيڪيورٽي قدمن، اين سي آر ڊي ڪمپليڪس (فيز – 3) چڪ شهزاد اسلام آباد ج?? اپ گريڊيشن ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ پشاور ۾ آڊيٽوريم جي تعمير شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 64.6 ملين رپيا، 35.99 ملين رپيا ۽ 120 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن نئي?? اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 309.72 ملين رپيا لڳايو ويو آهي.