اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قا??ون??ازي سان شفاف ۽ منصفاڻو نظام ڏنو ويو آهي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني اختيارن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني حقن جي تحفظ ۽ دفاع جو ڀرپور حق رکي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو قا??ون??ازي جو آئيني اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي، عدليه جو اختيار آئين ?? قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري رائٽ“ ڪرڻ يا قا??ون??ازي جي اختيار تي پابندي هڻڻ عدليه جو اختيار نه آهي. هن چيو ته پارليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي تي قا??ون??ازي ڪئي. آرٽيڪل 184 (3) بابت قا??ون??ازي سان عدليه جي اختيار، آ??اد?? ۽ خودمختياري ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ان قا??ون??ازي سان ”ون مين شو ۽ امپيريل ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر موسٽ ججز مشاورت سان اهي اختيار اس??عم??ل ڪندا.