اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته عمران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئ??، اسان بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سي??ست جي حفاظت ڪئ?? ۽ ڪندا رهنداسين، عمران خان اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اسان ڄمي بيٺل رهياسين ۽ سرخرو ٿياسين ڇو ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪئ??، امانت سمجه?? عوام جي خدمت ڪئ?? ۽ بهادري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ناحق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سي??سي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته هي تصويرون جرئت، بهادري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عمران خان جي فسطائيت، بدترين سي??سي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ سرخرو ٿي. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ايجنٽ، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم ا??رنگزيب چيو ته عمران خان ۽ ان جي جٿن ملڪ تي لشڪرڪشيءَ ڪئ?? ۽ ڪرائي، اسان سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم ا??رنگزيب چيو ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عمران خان اسان جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي هٿياربند جٿن تي قومي ۽ حساس عمارتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڌيئرون ڀينرون عمران خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عمران خان مريم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان اسان بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم ا??رنگزيب چيو ته هي تصويرون توهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تصويرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون جيل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي جيل ۾ وڌو ڇو ته اهي توهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته اهو فرق هوندو آهي حقيقي ۽ مصنوعي سي??سي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي اصل سي??سي پارٽي ۾ ۽ سي??ست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربند جٿن ۾. هن چيو ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سي??سي قائدين سي??سي مخالفت ڪئ?? پر عمران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئ??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سي??سي مخالفن، ميڊيا سان دشمني ڪئ?? ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ته عمران خان رياست سان دشمني ڪئ?? پر اسان بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سي??ست جي حفاظت ڪئ?? ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين سي??سي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون جن عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.