اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزاد?? لا??ِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ??نداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان اهم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستا??، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي دنيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسي??، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزاد?? لا??ِ گڏجي ڪم ڪنداسي??، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ??نداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزاد?? لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسي??، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزاد?? لاءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا ويندا.