لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي ??مل??ارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خا??مي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران با??ت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خا??مي لاءِ ??مل??ارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.