اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر ش??ري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون ??ي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون ??ڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان د?? ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏا?? ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون ??ياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون ??هتر ٿينديون?? آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.