اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پ??ڪ جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڄاڻي واڻي گهٽيا حرڪت مسلمانن ۽ انه?? جي عقيدي خلاف وڌندڙ نفرت، نسل پرستي ۽ فوبيا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اهڙي ريت جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو بار بار ٿيل قانوني فريم ورڪ جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنه?? جي پٺيان اسلامو فوبيا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اظهار جي آزادي جي حق کي ڪنهن به مذهب جي مقدس ڪتابن يا شخصيت?? جي ڄاڻي واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حق?? جي ??ال??ي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطابق اهڙين ڪارروائي?? جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪري. بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني حق?? جي ??ال??ي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿاري?? جيڪي صرف عقيدي جي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.