اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پ??ليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ڪري آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل زاده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل زاده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخواست ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪ??ي چڪو آهيان، پ??ادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذ??هب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آهي.