ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوات جي سينيئر جيالي عبدالواحداف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳوڻي ضلعي صدر عبدالسلام، م??مد لقمان ۽ زوهيب حسن ايڊووڪيٽ سان سندس ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن تعزيتي پيغام ۾ چيو ته حاجي عبدالواحداف جون پارٽي جي لاءِ خدمتون ۽ قربانيون ڊگهيون آهن، م??حوم پارٽي قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه ر??ندو، دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ مرحوم ج?? مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.