اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ ريليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهين?? جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بط??ر عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻوي?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا کي زلزل?? جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ترڪيه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دور?? جي لاءِ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانيون ٿي چڪيون آهن. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ هڪ ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڪا??وب??ري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريليف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ پنهنجي هڪ مهين?? جي پگهار بط??ر عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ بط??ر عطيو ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرر?? جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ه??اي?? پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏ?? جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي ??ار??ين جا نمائندا شامل هوندا.