اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪاميا?? ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن ??اڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسل?? ۾ ??اپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خط?? ۾ ??اڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر ج?? لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.