اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار ه?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??اني کر سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مملڪتي وزير پنهنجي تازي افغانستان جي دوري جي حوالي سا?? وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند اهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان ڀائرن ڀينرن جي هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکندو.