مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ??را??س جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??را??س پاران پاڪست??ن جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ ??را??س جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ??را??س جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ??را??سيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪست??ن جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.