اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف کي ماحولياتي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??از شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ م??ر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شه??از شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي تبديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شه??از شريف جي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پراثر آ??از تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شه??از شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين تي موثر آ??از اٿاريو هو. ماحولياتي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شه??از شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.