اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن واري خاص معاون فهد حسين جي والد برگيڊيئر (ر) جاويد حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افسوس جو اظه??ر ڪندي چيو ته والد جو لاڏاڻو ڪنهن جي لاءِ به وڏو صدمو هوندو ??هي، فهد حسين ۽ گهرڀات??ن سان همدردي جو اظها?? ڪريان ٿو. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.