جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آز??د ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هد??يتن تي سڄي آز??د ڪشمير وانگر جهلم وي??ي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلس??ي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد ??دا حسين ڪاظمي هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام محي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد ??دا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي آز??دي جي جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير مسئلي جي باوقار حل جو خواهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف صدا??ِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي حوالي سان راءِ شماري جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.