اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران ??علان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان ??ي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان ??ڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان ??گاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ??نساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌي?? ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان ??هي. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ??ار??واين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان ??ي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران ??علان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.