ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ??اڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ان??ن جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پن??نجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پن??نجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ??اڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، ع??رتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پن??نجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پن??نجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله ان??ن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ??اڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ ان??ن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي ان??ن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ??ن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ??اڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.