اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هاڻي ڳالهين جو نه عمل جو وقت آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي پاڪستا?? جي روشن مستقبل جي ضامن آهي، بلوچستا?? جي تعمير ۽ ترقي ملڪ مان غربت ۽ بک جي خاتمي ۽ پائيدار ام?? جي بحالي لاءِ تمام ضروري آهي، گوادر سميت پوري بلوچستان کي ترقي جي سفر ۾ ٻين علائق?? جي برابر ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۽ گوادر ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گوادر بندرگاهه پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ کانسواءِ ??فا??ي، سياسي ۽ مع??شي لحاظ کان عالمي واپار جي لاءِ انتهائي موزون ۽ اهم آهي، اسان کي ان بندرگاهه جي رستي ملڪ جي اترئين علائقن مان درآمدي ساما?? جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي، ان مقصد جي لاءِ گوادر مان ملڪ جي اترئين علائقن تائين رستن ۽ ريلوي لائين?? جي بهترين ۽ فعال نيٽ و??ڪ جو هجڻ تمام ضروري آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت سان ان ڏس ۾ ٿيندڙ مجرماڻي ڪوتاهين جو ازالو ڪرنو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي ترقي ۽ عوام خاص طور تي گوادر جي ماڻه?? جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ گوادر ۾ چيني سيڙپڪاري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايتڪئي. هن ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽري کي چيني ڪمپني?? جي وفد سان مشاورت سان خوراڪ، زراعت ۽ پيٽرو ڪيميڪلز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عمل جوڳو پلان تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي مع??ملن واري وزارت جي سيڪريٽري، ريلوي واري سيڪريٽري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين ۽ چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستان (سي او پي ايڇ سي) جي چيئرمين مختلف ترقياتي منصوب?? جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين سي پيڪ جي اوڀر ۽ اولهندي روٽس جي ذريعي گوادر جي ملڪ جي اترئين علائقن تائين پهچ بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم واپاري ساما?? جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين ايڇ اي، سامونڊي مع??ملن واري وزارت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي عيد جي فوري پوءِ گڏيل جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سامونڊي مع??ملن واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته گوادر پورٽ تي بريڪ واٽر پراجيڪٽ (مراعاتي مع??هدن) تحت تعمير ٿيڻو هو. ا?? جي لاءِ 445 ملين ڊالر جي گرانٽ ۽ 484 ملين ڊالر جو قرض چيني حڪومت فراهم ڪيو آهي پر اهو منصوبو تعطل جو شڪار رهيو آهي. وزيراعظم ان مجرماڻي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم مع??ئنه ڪميش?? جي چيئرمين کي هدايتڪ ئي ته هو ان پيشيواراڻي غفلت جي تحقيق ڪري هڪ هفتي ۾ ٺوس رپورٽ پيش ڪري. چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستا?? جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته 1.2 ملين گيلن ڏهاڙي صلاحيت رکندڙ پلانٽ پاڪستان جلد پهچندو ۽ هن سال جي آخر تائين پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان گوادر جي لاءِ شمسي توانائي جي منصوبي تي وزيراعظم کي بريف ڪندي چيو ته گوادر ۽ شهر جي 35500 خاندانن مان 31000 آن گرڊ جڏهن ته 4500 خاندان آف گرڊ آهن. آن گرڊ خاندان?? جي بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ڪيسڪو) ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي حصيداري سان بلڊ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (بي او ٽي) بنيادن تي مني سولر پارڪ لڳايو پيو وڃي، جنه?? جي لاءِ نيپرا پاور پرچيز ايگريمينٽ جاري ڪندو جڏهن ته آف گرڊ خاندان?? جي لاءِ 1.8 ارب رپي?? جي لاڳت سان ڪي وي 3 واريون سولر هوم اسٽيشنز لڳايون پيون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سڄو عمل شفاف ٽينڊرنگ ذريعي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سال?? جي لاءِ آفٽر سيل سروس جي فراهمي کي سولر سسٽم مهيا ڪندڙ ڪمپني جي ذميوارين ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي مع??ملن واري سيڪريٽري ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽري کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي ۾ جاري سمورن ترقياتي ڪم?? جي ميپنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن گهرو وزير ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حصيداري سان ٺوس سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي ڇو ته مع??شي ترقي جو خواب پرامن ماحول پيدا ڪرڻ کانسواءِ شرمنده تعبير نه ٿو ٿي سگهي. ريلوي واري سيڪريٽري وزيراعظم کي گوادر ۽ ملڪ جي ٻين شهر?? جي وچ ۾ رابطي بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ غيرموجود ريلوي ٽريڪ وڇائڻ بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان کي موثر بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، سامونڊي مع??ملن واري وزير سيد فيصل سبزواري، توانائي واري وزير انجنيئر خرم دستگير، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي خاص مع??ون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.