اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عوام جي ??ان ۽ مال جي ??فاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثر ??لائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سامان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي ??ڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر ??وام جي ??والي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي ??باهي سان نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 ميگاواٽ بجلي گهرن جي ??نگي بنيادن تي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گهرن جي ??حالي، مرمت تي خرچ و??اقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر ??وام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم متاثر ??اندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو.