اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ واضح ڪاميابي تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير مح??ود خان ۽ تحريڪ انصاف جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ غ??ر ملڪي آق??ئن جي آڏو وڪرو ٿيندڙ غدارن کي بري طرح رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي نتيجا انهن غدارن لاءِ اها اڳواٽ وارنگ آهي، جيڪو انهن جي تڪن ۾ انهن سان ٿيڻو آهي.