اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر فضل محمد خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چ??رسده ضلعي ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت ??عا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم مقامي سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري پارٽي کي مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي، هن ضلعي انتظاميه سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي به ه??ايت ڪئي.