اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئير?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ??رم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئير?? سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انه?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتي?? سان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ??رم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارث?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتي?? سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظ??م قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندان?? سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.