اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪوم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشق?? جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي ب??الي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول ??يگ?? ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خ??اب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آهن. صدر جي گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.